حڪومتي نمائندن پيڪا قانونسازي تي تڪڙ کان ڪم وٺڻ جو اعتراف ڪندي ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اسان مڃون ٿا ته پيڪا قانونسازي ۾ حڪومت تڪڙ ڪئي، اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ناهي ڪئي وئي. هن چيو ته پيڪا جو معاملو اهڙي ڳالهه نه آهي جنهن جي اصلاح نٿي ٿي سگهي، انهي معاملي تي صحافين جي راءِ وٺڻ گهرجي ها، جيڪو قانوني مشاورت سان بهتر بڻجي سگهيو ٿي اهو هاڻ تڪراري ٿي ويو. ٻئي طرف وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته قانون ۾ بهتري جي هميشه گنجائش موجود رهندي آهي. اڃان ته پيڪا جا رولز تيار ٿيندا، انهي ۾ مشاورت ۽ ڳالهين جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته مشاورت ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊز کي گڏ کڻي هلنداسين، ٻڌايو وڃي ته پيڪا ايڪٽ ۾ ڪهڙي شڪ تڪراري آهي اسان انهي تي ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون. عطاءُالله تارڙ چيو ته سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اٿارٽي ۾ نجي شعبي مان نامزدگي ڪيون وينديون، اٿارٽي ۾ پريس ڪلب يا صحافي تنظيمن سان جڙيل صحافين کي شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽربيونل ۾ به صحافين ۽ آءِ ٽي پروفيشنلز کي به شامل ڪيو ويندو.