لاهور ۾ اليڪٽرڪ بسن جي افتتاح جي حوالي سان پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ٽوئٽ تي سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ٽوئٽ جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اهو ڄاڻي سٺو لڳو ته سنڌ کان پوءِ پنجاب ٻيو صوبو آهي جنهن اليڪٽرڪ بسون هلائڻ شروع ڪيون آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته رڪارڊ جي درستگي ڪري وٺو سنڌ حڪومت جون اليڪٽرڪ بسون جنوري 2023 ۾ شروع ٿيون هيون، پنجاب سنڌ کان پوءِ اليڪٽرڪ بسون هلايون آهن. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري شرجيل ميمڻ کي رد عمل جو جواب ڏيندي چيو آهي ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اڄڪلهه اوهان ماڻهن ايترو سخت رويو ڇو اختيار ڪيو آهي پهريان واپارين جي مذاق ۾ ڪيل ڳالهه تي اوهان انهن کي دڙڪا ڏياريا ۽ هاڻ وري اهڙي قسم جو بيان. اطلاعات واري عظميٰ بخاري چيو ته اورنج لائن، 3 ميٽرورز، اسپيڊ بسون ۽ اليڪٽرڪ بائيڪس کان پوءِ هي اسان جو ٻيو قدم آهي. سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي اصل صورتحال ۽ اصل ڪهاڻي پوءِ ڪڏهن تفصيل سان ٻڌائيندس.