سنڌ جي نامور اديب، بيباڪ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند مير نادر علي ابڙو طرفان سنڌ الاجي ڄامشورو کي قيمتي ڪتابن جو تحفو ڏنو

سنڌ جي نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سُڌارڪ، تعليمدان ۽ بيباڪ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن پوليس مير نادر علي ابڙو پنهنجي والد جي ذاتي لائبريري مان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کي وڏي تعداد ۾ ناياب ڪتابن جو تحفو ڏنو آهي. مير نادر علي ابڙو پنهنجي والد جي سماجي، ادبي ڪم ۽ مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ مصروف مير نادر علي ابڙو پنهنجي والد جي لائبريري مان قيمتي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ريسرچ لائبريري کي تحفي طور سونپيا. ڄاڻايل ڪتاب ملڻ سان سنڌالاجي ۾ اڳ ئي قائم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪارنر ۾ تحقيق جي سلسلي ۾ ايندڙ اسڪالرن کي وڏي مدد ملندي. ان سلسلي ۾ مير نادر علي ابڙو چيو ته سنڌ الاجي جي ريسرچ لائبريري ۾ تحقيق تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ محقق هتي اچي مختلف تحقيقي مقالن لاءِ ريفرنس ڳولين ٿا، جنهن سبب ئي هن پنهنجي والد مرحوم تاج محمد ابڙو جا ناياب ۽ انمول ڪتاب سنڌ الاجي کي تحفي ۾ ڏنا آهن، هن چيو ته سنڌ الاجي ۾ قائم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪارنر ۾ بابا جي استعمال هيٺ رهندڙ وڌيڪ سامان ۽ شيون به تحفي ۾ ڏنيون وينديون ۽ وڌيڪ ڪتاب پڻ گفٽ ڪيا ويندا.