8

صدر ڪنهن به جج جي هڪ کان ٻئي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪري سگهي ٿو: عرفان صديقي

مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته اعليٰ عدليه جي سمورن ججن پاڪستان جي آئين جي پاسداري جو حلف کڻي رکيو آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ عرفان صديقي سوال اٿاريو ته ڇا آرٽيڪل 200 آئين جو حصو نه آهي؟ اهو آرٽيڪل چوي ٿو ته صدر ڪنهن به جج کي هڪ کان ٻئي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪري سگهي ٿو. انهي جي لاءِ لاڳاپيل جج جي  مرضي ضروري آهي. عرفان صديقي چيو ته چيف جسٽس پاڪستان ۽ ٻنهي لاڳاپيل هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس ۾ مشاورت به ضروري آهي، ڪنهن کي ترجيح ڏني وڃي؟ انهي واضح آئيني شق کي يا ڪنهن خط کي؟ ياد رهي ته صدر آصف علي زرداري 2 ڏينهن اڳ لاهور، سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان هڪ هڪ جج کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته اڄ اسلام آباد جي ٽنهي بار ڪونسلز 3 ججز جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ منتقلي جو نوٽِفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو