دفاع واري وزير خواجه محمد آصف پاڪ آمريڪا لاڳاپا هڪ شخص يا پارٽي تائين محدود هجڻ جو تاثر رد ڪري ڇڏيو آهي. نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته افغانستان ۾ موجود آمريڪي هٿيارن سبب پاڪستان ۾ حملن ۾ شدت ۽ جاني نقصان وڌيڪ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي پٺيان ڀارت جو کليل هٿ آهي، افغانستان ۾ موجود ڀارتي قونصل خانن جي باري ۾ ثبوت مون پاڻ افغان طالبان جي حوالي ڪيا آهن. دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته ڀارت صرف پاڪستان نه آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ به دهشتگردي ايڪسپورٽ ڪري رهيو آهي. خواجه آصف چيو ته ٽرمپ حڪومت سان پاڪستاني حڪومت جا رابطا بهتر آهن، پاڪ آمريڪا لاڳاپا هڪ شخص يا پارٽي تائين محدود نه آهن.