غوثپور: شيخ ۽ ڀيا برادري ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

غوثپور ڀرسان جمال ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ڪريم خان بجاراڻي واري علائقي ۾ ڀيا ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو۔ ڀيا برادري جي ھٿياربندن جي فائرنگ سبب چاليھن ورھين جو علي اڪبر عرف گورو شيخ ٿڏي تي مارجي ويو۔ واقعي جي اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي ويئي۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب ته ڀيا ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو چوپائي مال جي چوري تان تڪرار ھلندڙ ھيو ۽ اڄ اھو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو جو ڀيا برادري جي ھٿياربندن پارڪو پمپنگ اسٽيشن واري علائقي ۾ ھوٽل تي ويٺل علي اڪبر عرف گورو شيخ کي ڪلاشنڪوف جو برسٽ ھڻي ٿڏي تي قتل ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا۔ اطلاع ملڻ تي نوجوان جي وارثن غوثپور جي مين انڊس ھاءِ وي تي نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي۔ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن محمد عظيم۔ شيرل۔ نياز احمد شيخ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ڀيا برادري جي ھٿياربندن ناحق اسانجو ماڻھو ماري گھر اجاڙي ڇڏيو آھي۔ اسان مقتول جي قاتلن جي گرفتاري تائين پنھنجو احتجاج جاري رکنداسين۔ٻئي پاسي ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي ۽ سوين گاڏيون بيھجي وڃڻ سبب مسافرن کي سخت تڪليفن سان منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڏوھارين جي ڳولھا شروع ڪري ڇڏي آھي۔جڏھين ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پئدا ٿي وئي آهي. پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.