آءِ جي سنڌ ايس ايس پي فرخ لنجار کي بدلي ڪري ڇڏيو، حيدرآباد ۾ 3 ڏينهن کان جاري وڪيلن جو ڌرڻو ختم

حيدرآباد ۾ ڪيس جي تڪرار تان 3 ڏينهن کان جاري وڪيلن جو ڌرڻو ختم ٿي ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن کان جاري وڪيلن جو ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي طرف ڊي آءِ جي حيدرآباد چيو آهي ته ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار جون موڪلون منظور ڪيون ويون آهن انهي جي غير موجودگي ۾ ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان کي اضافي چارج ڏني وئي آهي. ياد رهي ته ڏينهن اڳ هڪ وڪيل تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف حيدرآباد باءِ پاس تي وڪيلن ڌرڻو هنيو جنهن سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جي روانگي سخت متاثر هئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳڻ سبب سوين مسافر ڦاسي ويا هئا. حيدرآباد جي وڪيلن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گذريل ڏينهن ڪراچي مان به وڪيلن طرفان ڪورنگي روڊ ڊفينس موڙ تي ڌرڻو هنيو ويو هو. ايس ايس پي فرخ لنجار جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ  وڪيل برادري احتجاج ختم ڪرڻ کان پوءِ خوشي ۾ نعريبازي به ڪئي ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.