سنڌ ثقافت کاتي پاران ڪراچي کان هلندڙ ٿر ڊيزرٽ سفارتي ٽرين حيدرآباد پهچي وئي آهي.ريلوي اسٽيشن تي ريلوي اختيارين ۽ ثقافت کاتي جي عملدارن پاران ٽرين جو استقبال ڪيو ويو، ريلوي اسٽيشن تي سياحت سان لاڳاپيل ماڻهو به موجود آهن سنڌ جو ثقافت وارو وزير ذوالفقار شاهه ٽرين ۾ سوار ٿي حيدرآباد پهتو، ٿر ڊيزرٽ سفارتي ٽرين ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص کان ٿيندي ٿرپارڪر پهچندي ٿرپارڪر ۾ ٻن ڏينهن جي قيام جي دوران مسافرن کي مختلف سرگرميون ڏيکاريون وينديون جنھن ۾ اٺن جي ڊوڙ، ميوزيڪل شو، سميت ٻين سرگرمين سان مسافر لطف اندوز ٿيندا.