سنڌ ثقافت کاتي طرفان ڪراچي کان هلندڙ ٿر ڊيزرٽ سفارتي ٽرين حيدرآباد پهچي وئي

 سنڌ ثقافت کاتي پاران ڪراچي کان هلندڙ ٿر ڊيزرٽ سفارتي ٽرين حيدرآباد پهچي وئي آهي.ريلوي اسٽيشن تي ريلوي اختيارين ۽ ثقافت کاتي جي عملدارن پاران ٽرين جو استقبال ڪيو ويو، ريلوي اسٽيشن تي سياحت سان لاڳاپيل ماڻهو به موجود آهن سنڌ جو ثقافت وارو وزير ذوالفقار شاهه ٽرين ۾ سوار ٿي حيدرآباد پهتو، ٿر ڊيزرٽ سفارتي ٽرين ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص کان ٿيندي ٿرپارڪر پهچندي ٿرپارڪر ۾ ٻن ڏينهن جي قيام جي دوران مسافرن کي مختلف سرگرميون ڏيکاريون وينديون جنھن ۾ اٺن جي ڊوڙ، ميوزيڪل شو، سميت ٻين سرگرمين سان مسافر لطف اندوز ٿيندا.