نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ايراني هم منصب عباس عراقچي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ اوڀر جي صورتحال ۽ غزه ۾ فلسطينين جي خراب حالت تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي. اسحاق ڊار غزه جي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جي تجويز کي پريشان ڪندڙ ۽ غير منصفاڻي قرار ڏيندي زور ڏنو ته سلامتي ڪونسل جي قراردادن موجب ٻن رياستن جو حل ئي واحد قابل عمل ۽ منصفاڻو آپشن آهي، پاڪستان خودمختار فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير انهي معاملي تي غور فڪر لاءِ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس گهرائڻ لاءِ پاڪستان جي حمايت کان به آگاهه ڪيو. ڌرين انهي معاملي تي رابطو برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.