صدر آصف علي زرداري ترڪ هم منصب رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر اسلام آباد جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي پرتگال جي دوري دوران ترڪي ۾ مختصر قيام ڪيو جتي استنبول ايئرپورٽ تي ان جي ترڪ هم منصب صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ٿي. ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاڪان فدان صدر آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو جنهن کان پوءِ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات جي دوران ٻنهي صدرن ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي صدرن ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ياد رهي ته صدر آصف علي زرداري پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي ڏک جي اظهار لاءِ هن وقت پرتگال جي دوري تي آهي.