سنڌ جي وڏي وزير فرنچ ڪمپنين کي سرمائيڪاري جي دعوت ڏئي ڇڏي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فرنچ ڪمپنين کي سرمائيڪاري جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان فرانسيسي سفير ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي به ڳالهيون ڪيون ويون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فرنچ ڪمپنين کي سرمائيڪاري جي دعوت ڏني ۽ فرانسيسي سفير طرفان به سنڌ ۾ سرمائيڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي ۽ ملڪ جي معاشي صورتحال سبب ترقياتي پروگرام متاثر ٿيو. ٻوڏ متاثرين لاءِ 21 لک گهرن جي تعمير جاري آهي. زرعي ٽيڪس تي هن چيو ته زرعي زمينن ۽ آبپاشي جي نظام کي بحال ڪيو ويو آهي. عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) زراعت تي به ٽيڪس لڳائڻ چاهيو ٿي، پر سنڌ ۾ زرعي ٽيڪس اڳ کان ئي لاڳو هو، هن ڀيري آءِ ايم ايف جي مطالبي تي زرعي ٽيڪس کي 15 مان وڌائي 45 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. زرعي ٽيڪس ٽيڻو وڌي ويو آهي جيڪو وڏو بار هوندو. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي اندروني معاملو نه آهي پر دهشتگردي ٻاهرين سازش جي تحت ڪرائي پئي وڃي سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي خلاف پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي.