16

سنڌو درياءَ تي ڪئنال رٿا منصوبي خلاف جسقم آريسر جو پيادل مارچ حيدرآباد پهچي ويو، پريس ڪلب آڏو احتجاج

   سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ٺاهي سنڌو کي سڪائڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو بهاني سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ خلاف جسقم آريسر گروپ جو سکر کان نڪتل پيادل مارچ مختلف شهرن کان ٿيندو حيدرآباد پهچي ويو، حيدرآباد پريس ڪلب آڏو ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، ان باوجود وفاق سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏي سنڌ جي زمينن کي تباهه بنجر ۽ بنائڻ چاهي ٿو اسان وفاق جي اهڙي رٿا خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهيون، سنڌو درياءَ تي  ڪنهن به قسم جا ڪئنال اڏڻ نه ڏنا ويندا. سنڌ جا ماڻهو جيستائين زنده آهن اهي سنڌو درياءِ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندا. مظاهرين  وڌيڪ چيو ته اسان جي قومي ڪارڪنن کي جبري کنڀي گم ڪيو ويو آهي انهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف تڪڙا قدم کنيا وڃن، ڌاريا هتي رهي مقامي ماڻهن جي  روزگار تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن. مقامي ماڻهو بيروزگار هجڻ سبب آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي کي به رد ڪريون ٿا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو