دبئي ورلڊ گورنمنٽس سمٽ ۾ خطاب ڪندي، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پائيدار ۽ منصفاڻو امن رڳو فلسطين جي مسئلي جي حل سان ممڪن آهي. هن سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي شيخ محمد بن زاید النهيان ۽ شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي قيادت جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته هي اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن غزه المناڪ تڪرار جي اثرن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن واضح ڪيو ته آزاد فلسطين جو دارالحڪومت القدس شريف هجڻ گهرجي ۽ غزه ۾ نسل ڪشي تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو. شهباز شريف جو چوڻ هو ته غزه آپريشن ۾ 50 هزار فلسطيني شهيد ٿيا، فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. هن ٻه رياستي حل تي زور ڏيندي چيو ته 1967ع کان اڳ واري سرحدن تي فلسطين جي آزاد رياست جو قيام ضروري آهي. معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي، وزيراعظم چيو ته دبئي مستقبل جو معاشي مرڪز آهي، جڏهن ته پاڪستان جي معيشيت کي به ترقي ڏيارڻ لاءِ اهم قدم کنيا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته شمسي توانائي جي واڌاري لاءِ ٽيڪس گهٽايا پيا وڃن، ۽ مهانگائي جي شرح گهٽجي 2.4 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 2030ع تائين قابل تجديد توانائي ذريعن تي منتقل ٿيڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، ۽ پاليسي ريٽ 12 سيڪڙو تائين آندو ويو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي 70 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪي ملڪ لاءِ هڪ وڏو سرمايو آهن. آخر ۾ وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ آسان ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ۽ خاص طور تي سيڙپڪاري جي واڌاري لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (SIFC) قائم ڪئي وئي آهي.
