16

انٽرا پارٽي ڪيس: اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ کي دليل ڏيڻ لاءِ 4 مارچ تائين مهلت

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (ECP) انٽرا پارٽي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي داخل ڪيل جواب تي دليل ڏيڻ لاءِ 4 مارچ تائين مهلت ڏئي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي ڪيس جي ٻڌڻي دوران بيرسٽر گوهر، اڪبر ايس بابر ۽ ٻيا اڳواڻ پيش ٿيا. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر اليڪشن ڪميشن کان استدعا ڪئي ته هن جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ان تي دليل ڏيڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي. اليڪشن ڪميشن استدعا منظور ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 4 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. بعد ۾، اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي، بيرسٽر گوهر شڪايت ڪئي ته پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ شفاف پارٽي چونڊون ڪرايون، ان جي باوجود سندن جماعت کي سرٽيفڪيٽ نه مليو.هن اهو پڻ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻه ميمبرن جي مدت مڪمل ٿي چڪي آهي، وزيراعظم کي نون ميمبرن لاءِ نالا تجويز ڪرڻ گهرجن ها، پر اڃا تائين اهڙو قدم نه کنيو ويو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو