واپار ڪرڻ حڪومت جو ڪم نه آهي، نجي شعبي جي مڪمل مدد لاءِ تيار آهيون: ناڻي وارو وزير

وفاقي ناڻي واري محمد اورنگزيب چيو آهي ته واپار ڪرڻ حڪومت جو ڪم نه آهي، حڪومت نجي شعبي جي مڪمل مدد جي لاءِ تيار آهي. سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي تحت انشور امپيڪٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سربراهه سان نتيجا ڏيندڙ ملاقات ٿي آهي. هن چيو ته 12 مهينن ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي. آءِ ايم ايف سربراهه اسٽرڪچرل اصلاحات جي کليل دل سان تعريف ڪئي آهي. معيشت جي استحڪام جي تفصيلن جي سڀني کي خبر آهي. انشورڊ پاڪستان طرف وڃڻو آهي ته تيز ۽ سستي انشورنس اهم هوندي. ناڻي واري وزير چيو ته معاشي استحڪام طرف اڳڀرائي کان پوءِ حڪومت اصلاحات تي ڪم ڪري رهي آهي پر واپار ڪرڻ حڪومت جو ڪم نه آهي. حڪومت وٽ انهي جي صلاحيت هوندي آهي. حڪومت جو ڪم نجي شعبي کي سهوليتون ۽ بهتر پاليسي فريم ورڪ ڏيڻ آهي. پنهنجي خطاب ۾ ناڻي واري وزير چيو ته انشورڊ پاڪستان جو آئيڊيا بهترين آهي. انهي تي مباحثو ٿي چڪو آهي ته اسان ڪٿي بيٺل آهيون. هاڻ انهي تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ته اسان کي ڪٿي هجڻ گهرجي. انشورڊ امپيڪٽ ڪانفرنس ۾ ڪلائميٽ چينج تي مباحثو بهتر قدم آهي ڇو ته اهو انتهائي اهم آهي. هن چيو ته لائف هيلٿ جنرل انشورنس ۾ نواڻ ۽ هائي ويليو سلوشنز  ضروري آهن. حڪومت ڪابينه، ناڻي واري وزارت نجي شعبي کي هر طرح جي مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي جيڪڏهن پبلڪ سيڪٽر انشورنس ڪمپنيون خساري ۾ آهن ته انهن جي نجڪاري ڪري نجي شعبي کي ڏنو وڃي.