پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن واري معاملي تي سمورو ايوان هڪ ٿي ويو، پگهارن ۾ واڌ جو مطالبو ڪندڙ اپوزيشن ميمبرن جا نالا سامهون اچي ويا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف، سني اتحاد ڪونسل ۽ آزاد ميمبرن به پگهارن ۾ واڌ جو لکي ڏنو هو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي سميت سمورا ميمبر پگهارون وڌائڻ جا حمايتي آهن. پيپلز پارٽي،(ن) ليگ، جي يو آءِ، نيشنل پارٽي سميت سمورين پارٽين جا ميمبر پگهارون وڌائڻ تي هڪ ٿي ويا آهن، اپوزيشن ميمبرن پهريان واڌ جو مطالبو ڪيو، ايوان ۾ تنقيد پڻ ڪئي، پگهارن ۾ واڌ کي حرام قرار ڏيندڙ شاهد خٽڪ به صحيحون ڪندڙن ۾ شامل آهي. پگهارن ۾ واڌ جو مطالبو ڪندڙن ۾ پي اي سي چيئرمين جنيد اڪبر، انور تاج، عبداللطيف، شاهه احمد علي جو نالو به شامل آهي انهي کان علاوه عادل بازئي، شفقت عباس، امجد علي خان، يوسف خان، سليم الرحمان به اضافي جو حامي نڪتو. حميد حسين، شير علي ارباب، مبين عارف، سهيل سلطان به پگهارن ۾ واڌ جي لاءِ صحيحون ڪيون.