تڪراري پيڪا ترميمي بل خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ صحافين جو احتجاج جاري آهي. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پي ايف يو جي ۽ آر آءِ يو جي طرفان بک هڙتالي ڪئمپ به قائم ڪئي وئي آهي. پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو آهي ته ڪوڙين خبرن ۽ ريگوليشن جي خلاف نه آهيون، جيڪڏهن حڪومت جي نيت صحيح هئي ته پوءِ مشاورت ڇو نه ڪئي وئي. لاهور پريس ڪلب ۾ صحافين جي بک هڙتال جاري آهي. پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري چيو ته 14 فيبروري تي لائحه عمل جو اعلان ڪري اسلام آباد طرف وڌنداسين. سياسي پارٽيون اپوزيشن ۾ چيمپين بڻجنديون آهن ۽ حڪومت ۾ اچي گلو دٻائينديون آهن. ڪراچي پريس ڪلب ۾ به بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن. مظاهرين چيو ته پيڪا ترميم کي لاڳو ڪري آزاد صحافت ۽ اظهار جي آزادي تي حملو ڪيو ويو آهي. پشاور پريس ڪلب جي ٻاهران صحافين احتجاج ۾ چيو ويو ته پيڪا جهڙو ڪارو قانون قبول نه ڪنداسين. ڪوئٽه ۾ بلوچستان يونسن آف جنرلسٽ طرفان علامتي بک هڙتالي ڪيمپ لڳايو ويو. انهي کان علاوه حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ٺٽو، نوابشاهه، ملتان، بهاوالپور، گوجرانواله، نصير آباد، جعفر آباد، جهل مگسي، اوسته محمد، صحبت پور، سبي ۽ اسڪردو ۾ پي ايف يو جي جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو.