بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 مزدور فوت ٿي ويا جڏهن ته 15 زخمي ٿي پيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر هرنائي موجب ڌماڪو شاهرگ جي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي گاڏي ڀرسان ٿيو، زخمين مان ڪيترن ئي پورهيتن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ شاهديون گڏ ڪري علائقي جي ناڪابندي ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڌماڪي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيندڙ وڌيڪ پورهيتن جو تعلق سوات ۽ شانگله سان ٻڌايو پيو وڃي. ڌماڪو انهي وقت ٿيو جڏهن پورهيت گاڏي ۾ سوار ٿي بازار طرف وڃي رهيا هئا، شروعاتي ڄاڻ موجب ڌماڪو آءِ اي ڊي جي ذريعي ڪيو ويو آهي.