قاضي احمد: سيوهڻ ميلي تي ويندڙ پانڌيئڙن جي وين تيز رفتاري سبب ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، 6 ڄڻا فوت، 10 زخمي

قاضي احمد ڀرسان آمري روڊ تي نوابشاهه کان سيوهڻ ويندڙ ميلي جي پانڌيئڙن جي  تيز رفتار وين گڏهه گاڏي کي بچائيندي ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ 6 مسافر فوت جڏهن ته 10 سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۽ فوتين جا لاش تعلقه اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيا ويا آهن. حادثي جي فوتين ۾ پنجاب واسي عظيم، ظفر شيخ، بابر ۽ 78 موري جي ڳوٺ مولابخش جتوئي جو رهواسي دلدار جتوئي شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ وقاص، فيض محمد، نويد شاهه، محمد معراج، اسلم ناصر ۽ ٻيا شامل آهن. پوليس موجب حادثو قاضي احمد آمري روڊ تي پيش آيو، پنجاب جي شهر بوريوالا  کان زائرين ٽرين ذريعي نوابشاهه پهتا هئا جتان کان سيوهڻ شريف وڃڻ جي لاءِ وين تي سوار ٿي سيوهڻ شريف حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس ۾ شرڪت جي لاءِ وڃي رهيا هئا. فوت ٿي ويل 6 ڄڻن جي  سڃاڻپ عظيم علي، ظفر علي شيخ، دلدار جتوئي، بابر علي، لطيف علي، مهراج احمد شامل آهن فوت ٿي ويل ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو آهي جتان کان 8 زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم يو اسپتال نوابشاهه ريفر ڪيو ويو