ٺڪراٺو : ٺڪراٺو کان پنوعاقل تائين جي لنڪ روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو ٺيڪيدار سلطانپور کان ٻلھڻي تائين روڊ ٺاھي گم مسافر سخت پريشان روڊ ٽٽل ھُجڻ سبب علائقا ويران منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿيڻ لڳو چونڊيل نمائندن پاران ڪو به نوٽيس نه ورتو ، پنوعاقل لنڪ روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو ٺيڪيدار رڳو سلطانپور کان ٻلھڻي تائين جو روڊ ٺاھي گم ٿي ويو جنھن سبب ايندڙ ويندڙ مسافر سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن انھي سلسلي ۾ ھتان جي شھرين محمد عمر مھر ، ربڏنو سوڍو ، صدورو مھر ، نواب مھر ، امام بخش مھتم ،مجيب دايو ، شاھد سومرو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته پنوعاقل تڪ تان چونڊيل پ پ جا نمائندا ايم اين اي سيد خورشيد شاھ ۽ ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو ڪامياب ٿيندا آھن جن عوامي احتجاجن ۽ شڪايتن کان پنوعاقل کان ٺڪراٺو تائين جي روڊ ٺھڻ جي منظوري ڏني ھُئي ٺيڪيدار رڳو سلطانپور کان وٺي ٻلھڻي تائين روڊ ٺاھي گم ٿي ويو آھي ٻلھڻي کان روپھر ۽ روپھر کان ٺڪراٺو تائين ايندڙ روڊ ٽٽي تباھ ٿيل آھي جنھن تي مسافر وڏي تڪليفن سان سفر ڪن ٿا جڏھن ته روڊ جي خراب حالت سبب علائقا ويران بڻجي ويا آھن ۽ ٽرانسپورٽرن گاڏيون کپائي ڇڏيون آھن شھرين سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ روڊس کاتي جي صوبائي وزير تڪ مان چونڊيل نمائندن سيد خورشيد شاھ ڄام اڪرام الله ڌاريجو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٺڪراٺو کان پنوعاقل ويندڙ لنڪ روڊ ٻلھڻي کان ٺڪراٺو تائين ٺاھي ڏئي مسافرن کي سفري سھولت ڏني وڃي.
