پنجاب ۾ هارين کي سموريون زرعي سهولتون هڪ ڇت هيٺيان ڏيڻ وارو منصوبو شروع ڪيو ويو، چولستان ۾ گرين پاڪستان منصوبي جي شروعات تي ڪنڊائي ۽ شاپو جي علائقن ۾ منصوبن جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي. رپورٽ موجب گرين مال اينڊ سروس ڪمپني، اسمارٽ ايگري فارم زرعي تحقيق ۽ سهوليت مرڪز جو افتتاح به ڪيو ويو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف به خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پنجاب پاڪستان جو زرعي پاور هائوس بڻجي ويو آهي، جديد زراعت ۾ پنجاب صوبي ۽ هتي جي هارين جو ڪردار تعريف جوڳو آهي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير مختصر وقت ۾ پنجاب حڪومت جي گرين ڪارپوريٽ منصوبي جي تحت ڪاوشن ۽ حاصل ٿيندڙن ڪاميابين جي تعريف ڪئي. آرمي چيو ته گرين ڪارپوريٽ منصوبي جي تحت مختصر وقت ۾ اهي ڪاميابيون حوصلو ڏيندڙ ترقي جي خوشخبري آهي، فوج ملڪ جي معاشي ترقي جي عمل ۾ حمايت جاري رکندي. پنجاب ۾ شروع ڪيل زراعت کي جديد بنائڻ جي منصوبي تحت هارين کي سموريون زرعي سهولتون هڪ ڇت جي هيٺيان ڏنيون ويونديون هارين کي ڊرونز سميت زرعي مشينري رعايتي اگهن تي دستياب هونديون. تقريب ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف کان علاوه نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ۽ تحقيق جي وفاقي وزير رانا تنوير حسين، وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ به شريڪ ٿيا. پنجاب جي سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جو وزير سيد عاشق حسين ڪرماني، آبپاشي وارو وزير محمد ڪاظم پيرزاده کان علاوه لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽري به موجود هئا. گرين ايگري مال اينڊ سروس سروس ڪمپني هارين کي انهن جي گهر جي دروازي تي معياري ٻج، ڀاڻ، زهريليون دوائون، رعايتي اگهن تي ڏنيون وينديون. هڪ ڇت هيٺيان هڪ ڪمپني ذريعي هارين کي زراعت بابت سموريون سهولتون ملي سگهنديون. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چولستان ۽ پنجاب ۾ اڄ جديد زراعت جي انقلاب جي بنياد رکي وئي آهي، اڄ انهن منصوبن جي شروعات پنجاب جي هارين جي ترقي جي هڪ نئين سفر جي شروعات آهي، زراعت جي ترقي هارين جي ترقي ۽ پاڪستان جي خوشحالي جي ضمانت آهي. هن چيو ته گرين پاڪستان جديد زراعت کي هٿي ڏيڻ جو انقلاب آهي، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف شهيدن جي ٻارن ۽ زخمي ٿيندڙ غازين کي زمين جي الاٽمينٽ جا ليٽرز به ڏنا.