26 نومبر احتجاج جي الزام ۾ گرفتار 120 پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 26 نومبر احتجاج جي الزام ۾ گرفتار 120 کان وڌيڪ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جون ضمانتون منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، انهي موقعي تي وڪيل علي بخاري، بابر اعواڻ، مرتضيٰ طوري ۽ ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. وقتي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف ضمانتون منظور ڪندي سمورن ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ ۽ پوليس اسٽيشن ۾ حلفيه بيان ڏيڻ جو به حڪم ڏنو. وقتي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته حلفيه بيان ڏيو ته آئنده اهڙو ڏوهه نه ڪندو، عدالت گرفتار ماڻهن کي 20 هزار روپين جا مچلڪا ۽ هڪ شورٽي جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.