ڪنڌڪوٽ:بدامني جي باهه ۾ تيزي ڏينهن ڏٺي جو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سبزوئي لاڙو وٽ موٽر سائیڪل سوار ھٿياربند علي گوھر باجڪاڻي کان سي ڊي موٽر سائیڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ:ڪنڌڪوٽ بدامني جي باهه ۾ تيزي ڏينهن ڏٺي جو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سبزوئي لاڙو وٽ موٽر سائیڪل سوار ھٿياربند علي گوھر باجڪاڻي کان سي ڊي موٽر سائیڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو جنھن کي بيھوشي واري حالت ۾ اسپتال آندو ويو اھڙي واقعي تي زخمي نوجوان جي وارثن ٺل انڊس ھاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو لڳايو ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو سنڌ کان ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بند رھيو وڌندڙ بدامني سبب مقامي ماڻھن سميت مسافرن کي به سخت پريشاني مان گذرڻو پئجي رھيو آهي احتجاج ڪندڙ چيو ته پنهنجي گھرن ۾ به محفوظ نه آيون ضلعي جو امن امان خراب ھجڻ ڪري عام شھري غير محفوظ آهي پوليس خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري پئي انھي دوران پوليس عملدار پھچي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو،

پنھنجي راءِ لکو