ھڪ مھينو اڳ اغوا ٿي ويل نينگر سينگھار ملڪ جي بازيابي لاء وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي ڪشمور جي آفيس اڳيان احتجاج

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ھڪ مھينو اڳ اغوا ٿي ويل نينگر سينگھار ملڪ جي بازيابي لاء وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي ڪشمور جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو منهنجي پٽ ھڪ مھينو ٿي ويو آهي پرپوليس ھن وقت تائين بازياب نه ڪرائي سگهي معصوم نينگر سينگھار ملڪ جي والد جو صحافين اڳيان دانھون پوليس وارن جو منٿو ء دلاسا ،تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد م ھڪ مھينو اڳ ڪيفي سڪون ھوٽل ڀرسان ھٿياربندن جي ھٿان اغوا ٿي ويل معصوم نينگر سينگھار ملڪ جي بازيابي لاء وارثن پاڪ ڪتاب کڻي ايس ايس پي ڪشمور جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي معصوم نينگر سينگھار ملڪ جي والد روئيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ جي پوليس ء امير وڏيرا ستل آهن منهنجي پٽ کي اغوا ٿيندي ھڪ مھينو ٿي ويو آهي پوليس منهنجي پٽ بازياب ڪرائڻ م ناڪام ٿي وئي آهي خدرا منهنجي پٽ کي ڌاڙيلن جي چنبي م آهي ظالمن کان آزاد ڪرائي ڏنو وڃي اسان مسڪينن سان انصاف ڪرايو وڃي ھوڏانھن پوليس معصوم سينگھار ملڪ جي وارثن کان پاڪ ڪتاب کسڻ جي ڪوشش ڪندا ء ايلاز منٿون پڻ ڪندا رھيا ياد رھي ڪشمور ضلعي م ھن وقت تائين مغوين جو تعداد 23 ٿي ويو آهي جيڪو ھن وقت تائين ڌاڙيلن وٽ قيد آهن

پنھنجي راءِ لکو