صحت واري وفاقي وزارت پرائيويٽ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج جي فيس ۾ وڏي گهٽتائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وفاقي صحت واري وزارت جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 12 لک روپيه فيس هلندڙ سال کان لاڳو ٿيندي. انهي کان اڳ پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کان ساليانو 30 لک روپيه فيس ورتي ويندي هئي. اختيارين موجب هاءِ پاور ڪميٽي پنهنجي تجويز نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. هاءِ پاور ڪميٽي وفاقي صحت واري وزارت ۽ پي ايم ڊي جي آفيسرن تي ٻڌل آهي. اسحاق ڊار جي منظوري کان پوءِ تجويز پي ايم ڊي سي ڪونسل کان منظوري ورتي ويندي. صحت واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو آهي ته انهي حوالي سان اسحاق ڊار کي 2 خط لکي چڪا آهيون