پريالوء: ڊي ايس پي نثار ڀٽو جي ديري کي باهه، لکين روپين جو نقصان

پريالوء ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ بٺ ڦلپوٽه ويجهو نامعلوم شرپسندن پاران ڊي ايس پي آءِ بي خيرپور نثار ڀٽو جي زرعي زمين تي موجود ديري کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو. ذريعن موجب، واقعي دوران ديري تي رکيل 15 هزار ٽوها، 7 هزار تڏا ۽ 500 مڻ ڪاٺيون مڪمل طور سڙي ويون. باهه جو واقعو گذريل رات دير سان پيش آيو، جڏهن نامعلوم جوابدار ديري کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا. باهه جي شدت سبب 20 لک روپين کان وڌيڪ جو نقصان پهتو. اطلاع ملڻ تي علائقي واسين ۽ مقامي اختيارين باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سڀ سامان سڙي رک ٿي ويو. واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڊي ايس پي نثار ڀٽو طرفان واقعي کي ڏوهارين جي سازش قرار ڏنو ويو، پوليس موجب، واقعي جي جاچ جاري آهي، ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.