سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ فيڪلٽي ميمبرن لاءِ 28 ڏينهن وارو نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام پڄاڻي تي پهتو.

ڄامشورو:(پ_ر) شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائين اينڊ هيريٽيجز، ڄامشورو پاران نيشنل اڪيڊمي آف هائير ايجوڪيشن (ناهي) جي سهڪار سان فيڪلٽي ميمبرن جي تربيت لاءِ منعقد ڪيل 28 ڏينهن جو نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو. اختتامي تقريب ۾ ورلڊ بئنڪ جي سينئر اڪانامسٽ اِنگا افاناسيوا خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. هن تعليمي معيار کي وڌائڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ جدت کي هٿي ڏيڻ ۾ فيڪلٽي ڊولپمينٽ پروگرام جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڊجيٽلائيزيشن ۽ پيپرليس يونيورسٽيون بڻائي وقت بچائڻ ۽ اعلى تعليمي ادارن ۾ فيڪلٽي ميمبرن جي صلاحيت کي وڌائڻ نيشنل اڪيڊمي آف هائير ايجوڪيشن جو هڪ مقصد آهي. اِنگا افاناسيوا چيو ته ملڪ جو مستقبل استادن ۽ نوجوانن جي هٿن ۾ آهي ۽ اهڙي تربيت جو مقصد ملڪ کي خوشحال بڻائڻ آهي. تقريب کي سيبس يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو پڻ خطاب ڪيو، جنهن ۾ سيبس يونيورسٽي جي تعليمي بهتري ۽ استادن جي مسلسل پيشه ورانه ترقي جي عزم تي زور ڏنو ويو. هن فيڪلٽي ميمبرن کي ضروري صلاحيتن ۽ علم سان بااختيار بڻائڻ لاءِ نيشنل اڪيڊمي آف هائير ايجوڪيشن سان سهڪار کي ساراهيو. هن چيو ته پروگرام جو مقصد استادن کي جديد تدريسي طريقن ۽ تحقيقي صلاحيتن سان آراسته ڪرڻ هو، جنهن کي تمام گهڻي مثبت موٽ ملي آهي. تقريب جي آخر ۾ ورلڊ بئنڪ جي سينيئر اڪانامسٽ اِنگا افاناسيوا تربيت حاصل ڪندڙ استادن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. ان موقعي تي ڄامشوري جو ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري، سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کنڀاٽي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڪراچي سينٽر جو ڊائريڪٽر جنرل نذير حسين ۽ تربيتي پروگرام جو ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد سليم قمر پڻ موجود هئا.