مادر علمي سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ٻن پروگرامن بيچلر آف سائنس ان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ پروگرام ۾ سال 2025ع ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جا ڪلاس شروع ٿي ويا آهن، تعارفي ڪلاس ۾ خاص مهمان نامياري ڏات ڌڻي. براڊ ڪاسٽر ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمود مغل ۽ فيڪلٽي آف سوشل سائنس پاڪستان ۽ اسلامڪ اسٽڊيز شعبي جي اڳوڻي چيئرپرسن پروفيسر ممتاز بانو شيخ خطاب ڪندي شاگردن کي بهتر مستقبل لاءِ محنت ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي سکيا حاصل ڪري پنهنجا ادارا جوڙڻ تي زور ڏنو. مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ڊائريڪٽر مِس نورالعين عباسي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر هادي بخش کوکر معزز مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ۽ انسٽيٽيوٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي نامياري اديب، براڊ ڪاسٽر ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمود مغل جو چوڻ هو ته نوجوان هن ملڪ جو سرمايو آهن، دنيا ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي پئي وڃي، ٽيڪنالاجي ۾ روز روز نيون ايجادون سامهون اچي رهيون آهن، جنهن مان جيترا فائدا آهن اوترا ئي نقصان به آهن، نوجوان انهن ايجادن کي پنهنجي وقت جي زيان ۽ نقصان بدران پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪن ۽ انهن مان لاڀائتي سکيا حاصل ڪن ته جيئن نوڪري لاءِ ڀڄڻ بدران پاڻ ادارا جوڙي نوڪريون ڏيڻ جهڙا فرد بڻجي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته مادر علمي سنڌ يونيورسٽي مان تعليم پرائيندڙ سنڌ سميت ملڪ اندر اهم عهدن تي پنهنجيون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهن، سنڌ يونيورسٽي اندر ماضي جي ڀيٽ ۾ هن وقت تمام جديد قسم جا شعبا جوڙيا ويا آهن، جن اندر شاگرد هزارن جي انگ ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، جڏهن ته جديد ٽيڪنالاجي واري تعليم جي پورائي لاءِ مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جهڙا سنڌ يونيورسٽيءَ جا ادارا به پاڻ ملهائي رهيا آهن، هتي پڙهندڙ شاگردن کي گهرجي ته جديد ٽيڪنالاجي کي سکڻ سان گڏ ان تي بحث ۽ عملي طور ڪم ڪرڻ ۾ به پاڻ ملهائين. شاگردن کي خطاب ڪندي پروفيسر ممتاز بانو شيخ چيو ته انٽرنيٽ دنيا کي گلوبل وليج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جديد ٽيڪنالاجي ۾ مهارت حاصل ڪندڙ انٽرنيٽ وسيلي گهر ويٺي روزگار ڪري رهيا آهن، اوهان لاءِ به لازم آهي ته جديد دور جي جديد سکيا حاصل ڪري انٽرنيٽ جو صحيح استعمال ڪري پنهنجا ادارا پاڻ جوڙيو ۽ ٻين کي به اڳتي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.