سکر:سول اسپتال سکر انتظاميه جي حڪمت عملي هزارين مريضن هوندي وارڊن ۾ بيڊ خالي

سکر(بيورو رپورٽ) غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال سکر انتظاميه جي حڪمت عملي هزارين مريضن هوندي وارڊن ۾ بيڊ خالي، او پي ڊي مان چيڪ اپ ڪري دوائن جو پرچو هٿ تي رکي مريضن کي گهر ڏانهن ۽ ڪيترن کي نجي اسپتالن ۾ وڃڻ جا مشورا ڏئي واپس ڪيو وڃي ٿو، ڪرپشن سبب هٽايل اسٽور انچارج ميل نرس ارشاد پٺاڻ به ماهوار لکين روپين جو نجي اسٽورن سان ڌنڌو ڪندڙ. داخل مريضن کي غير معياري کاڌو ۽ نجي اسٽورن تان دوائون لاء پرچا به ڏنا وڃن ٿا. ڪروڙن جي بجيٽ هوندي به عوام صحت جي سهولتن کان محروم. تفصيل موجب، سکر ضلعي جي سڀ کان وڏي سرڪاري اسپتال غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال سکر کي ڪروڙن جي بجيٽ هوندي به عوام لاء بي لاڀ بڻيل آهي. بهتر علاج نه ٿيڻ. ڪرپشن توڙي ڊاڪٽرن جو ڊيوٽين تان غائب هجڻ واريون نيوز به ميڊيا تي شايع ٿينديون رهن ٿيو. پر الائي ڪهڙن سببن سبب سول اسپتال سکر ۾ ڪرپشن ڪندڙ اڄ به سڻڀين ڪرسين تي قابض آهن. ڪجھ مهينا اڳ ڪرپشن الزام ۾ هٽايل اسٽور انچارج ميل نرس ارشاد پٺاڻ به ساڳي ئي سرڪاري اسٽور ۾ سرڪاري دوائن جو نجي اسٽور مالڪن سان لکين روپين جو ماهوار ڌنڌو ڪري مال ڪمائيندڙ آهي. جڏهن ته سول اسپتال سکر جي بورچي خاني جو بااثر ٺيڪيدار کوسو به داخل مريضن کي غير معياري کاڌو سپلائي ڪندڙ آهي جڏهن ته اسپتال ۾ داخل مريضن کي فروٽ به ناهي ڏنو ويندو. ان ڪري جو ڪچن وارو منظور نذر ٺيڪيدار اسپتال انتظاميه کي رشوت طور پئسا پهچائيندڙ آهي. لکين روپيا پگهارون ۽ وري ڪروڙن جي ڪرپشن ان باوجود غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي علاج جون سهولتون به نٿيون ڏنيون وڃن. ۽ وري سول اسپتال سکر انتظاميه وڏي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي جنهن سبب سکر ضلعي. خيرپور ضلعي. گهوٽڪي ضلعي. شڪارپور ضلعي. ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعن ۽ بلوچستان جي علائقن کان روزانو هزارين مريضن جي اچڻ باوجود اسپتال جي وارڊن ۾ بيڊ خالي پيل آهن. اهو ان ڪري جو او پي ڊي ۾ مقرر ڊاڪٽرز ۽ عملو آيل مريض جو چيڪ اپ ڪرڻ بعد کين کي دوائن جو پرچو هٿ تي رکي گهر وڃڻ يا وري ڪيترن کي نجي اسپتالن ۾ وڃڻ جا مشورا ڏئي واپس ڪيو ويندو آهي. جنهن ڪري سول اسپتال سکر ۾ سدائين اڌ تي اڌ بسترا مريضن کان خالي هوندا آهن. حڪومت سنڌ کي گهرجي ته نوٽيس وٺي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال سکر ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏيڻ سميت اسپتال کي عوام لاء لاڀائتو بڻايو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو