پريالوء : سولنگي ۽ ناريجا برادري وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ اهم فيصلو وزير آباد ۾ سردار غوث بخش خان مھر وٽ مقرر ڪيو ويو آهي. ناريجا برادري طرفان ٻنڊو فيض محمد ناريجو مان هڪ قافلو سردار زاده حسين بخش ناريجو ۽ ٻين معززن جي اڳواڻي ۾ روانو ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته هن تڪرار دوران 9 ڄڻا قتل ٿي ويا هئا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا هئا. ڌرين پاران اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته جرڳي جي فيصلي سان پراڻو تڪرار ختم ٿي سگهي ٿو ۽ علائقي ۾ امن قائم ٿيندو.