سولنگي-ناريجا تڪرار: جرڳي لاءِ ناريجا برادري پهچي وئي، سولنگي برادري جي اچڻ جو انتظار

سولنگي ۽ ناريجا برادرين وچ ۾ هلندڙ خوني قبيلائي تڪرار جي خاتمي لاءِ فيصلو وزير آباد ۾ سردار غوث بخش خان مھر وٽ رکيو ويو آهي. ناريجا برادري جا معزز سردار زاده حسين بخش ناريجو، سيد جنيد شاهه راشدي، وڏيرو ممتاز علي ناريجو، ايڊووڪيٽ علي داد ناريجو، ڊي ايس پي خادم حسين ناريجو، سميت وزير آباد پهچي ويا آهن. فيصلي لاءِ تياريون مڪمل آهن، جڏهن ته سولنگي برادري جا ماڻهو اڃان نه پهتا آهن. ياد رهي ته هن تڪرار دوران 9 ڄڻا قتل ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا. علائقي واسين کي اميد آهي ته جرڳي ۾ مستقل امن لاءِ ڪو حتمي فيصلو ايندو.