ڪنڌڪوٽ:بڊاڻي ۾ مليريا وگھي گلن جھڙو معصوم ٻارڙو فوت ڪيترائي ٻارڙا موضعي مرض ۾ مبتلا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )بڊاڻي ۾ مليريا وگھي گلن جھڙو معصوم ٻارڙو فوت ڪيترائي ٻارڙا موضعي مرض ۾ مبتلا صحت کاتي مليريا کان بچاءُ لاء ڪي بہ قدم نہ کنيان مليريا سبب فوتين جو انگ وڌي 14 ٿي ويو
بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ رئيس سانوڻ چاچڙ ۾ ٽي سالا معصوم شاھزيب ولد استاد عبدالرزاق چاچڙ مليريا مليريا وگهي فوت ٿي ويو فوتي نينگر جي والد جو چوڻ هو تہ منهنجو پٽ ڪجھ ڏينهن کان مليريا جھڙي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا هيو جنهن کي شھر رحيم يار خان کڻي وياسين جتي معصوم ملير جي سٽ نہ سھندي فوت ٿي ويو هوڏانهن معصوم نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو
ياد رھي تہ برسات کانپوءِ بڊاڻي توڙي پسگردائي وارن علائقن ۾ مليريا وگھي 14 معصوم ٻارڙ فوت ٿي چڪا آھن جڏهن ته صحت کاتو به مليريا تي ضابطو نہ آڻي سگهيو آهي شهرين ھيلٿ ڊپارنمنٽ کان مطالبو ڪيو تہ فورن نوٽيس وٺي مليريا تي ڪنٽرول ڪرايو وڃي

پنھنجي راءِ لکو