پريالوءِ: ٻانهو ڀنگر ۽ صفر ڀنگر ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ سان علائقو ڏڪڻ لڳو

پريالوءِ ڀرسان، فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد، ڳوٺ بادل ڀنگر ۾ ٻانهو ڀنگر ۽ صفر ڀنگر ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي. صفر ڀنگر ڌر جي هٿياربندن پاران ٻانهو ڀنگر جي گهر تي ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن ته جوابي فائرنگ بعد حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا. حد جي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي. ٻانهو ڀنگر موجب، ٻن ڏينهن اڳ به صفر ڀنگر ڌر مٿن منٿلي نه ڏيڻ جي الزام ۾ 160 انبن جا وڻ وڍي نقصان پهچايو هو، جنهن جو ڪيس داخل ڪرايو ويو. ان کان پوءِ ٻيهر گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي وئي. واقعي سبب علائقي ۾ خوف پکڙيل آهي.