قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ وڏيون تبديليون ڪيون ويون آهن، وڏن نالن کي مختلف فارميٽ ۾ ورهايو ويو آهي. قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌايو ته ون ڊي جو ڪپتان محمد رضوان ئي هوندو جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ۾ انهي جي جڳهه سلمان علي آغا ٽيم جي قيادت ڪندو ۽ شاداب خان نائب ڪپتان هوندو.
سلمان ۽ شاداب کي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان ۽ نائب ڪپتان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ايندڙ ٻن وڏن ٽورنامينٽ مينز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ 2025/سيپٽمبر 2025) ۽ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فيبروري مارچ 2026 کي ڏسندي ڪيو ويو.
15 رڪني ون ڊي اسڪواڊ ۾ محمد رضوان(ڪپتان) سلمان علي آغا(نائب ڪپتان) عبدالله شفيق، ابرار احمد، عاقب جاويد، بابر اعظم، فهيم اشرف، امام الحق، عرفان خان نيازي، خوشدل شاهه، محمد علي، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، سفيان مقيم ۽ طيب طاهر شامل آهن. اوپنر فخرالزمان ۽ صائم ايوب کي طبي مشوري تي ٻنهي فارميٽ جي لاءِ غور هيٺ ناهي آندو ويو. 16 رڪني ٽي ٽونٽي اسڪواڊ: سلمان علي آغا)ڪپتان) شاداب خان(نائب ڪپتان) عباس آفريدي، عبدالصمد، ابرار احمد، حارث رئوف، حسن نواز، عرفان خان نيازي، جهانداد خان، خوشدل شاهه، محمد علي، محمد حارث، عمير بن يوسف، شاهين شاهه آفريدي، سفيان مقيم ۽ عثمان خان شامل آهن.