ملڪ ۾ سون هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

 ملڪ ۾ سون اگهه ۾ هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 3 هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 7 هزار رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي،جتي في اونس سون 28 ڊالر واڌ بعد 2921 ڊالرز تي پهچي ويو آهي.