ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر بدامني جي باهه ۾ تيزي دراني مھر ٿاڻي جي حد مان گذريل رات ھٿياربند گولا برادري جو ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪري ويا بدامني خلاف ۽ ٽريڪٽر جي واپسي لاءِ مدینه پڪٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ گولا برادري طرفان ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي ڇڏيو ڌرڻي سبب سنڌ کان ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي وڌندڙ بدامني سبب مقامي ماڻھن سميت مسافرن کي به سخت پريشاني مان گذرڻو پيو احتجاج ڪندڙ چيو ته پنهنجي گھرن ۾ به محفوظ نه آيون ضلعي جو امن امان خراب ھجڻ ڪري عام شھري غير محفوظ آهي پوليس خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري پئي انھن سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس ڪرائي ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو
