تنگواڻي:هاري قرض نه ڏيڻ تان بلوچستان واسي سالو بگٽي پنهنجا مائٽ ساڻ ڪري جديد هٿيارن سان هاري نياز مرهيٽو مٿان حملو ڪري جنهن ۾ زال مڙس شريفان خاتون،نياز علي مرهيٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

تنگواڻي ويجهو ڀٽائي ڪالوني پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ آدم جکراڻي ۾ هارپو ڪندڙ هاري قرض نه ڏيڻ تان بلوچستان واسي سالو بگٽي پنهنجا مائٽ ساڻ ڪري جديد هٿيارن سان هاري نياز مرهيٽو مٿان حملو ڪري جنهن ۾ زال مڙس شريفان خاتون،نياز علي مرهيٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابي فائرنگ ۾ وڏيرو سالو بگٽي به قتل ٿي ويو جڏهن تہ سندن هاري نياز علي مرهيٽو جي نهن شان بيبي خاتون ۽ پوٽيءَ 3 مهينن جي مذي خاتون بہ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا،هڪ ڪلاڪ تائين جديد هٿيارن سان هٿياربندن فائرنگ ڪئي پوليس بي وس بڻيل رهي، واقعي جي اطلاع باوجود پوليس 2 ڪلاڪن بعد بااثرن کي ميڙ منٿ ڪري فائرنگ بند ڪرائي لاش ۽ زخمي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيا،ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمين مان معصوم نينگري مذي خاتون کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگهيو

پنھنجي راءِ لکو