سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن جي صفائي وارو ڪم سست رفتاري سان هلندڙ، سکر شهر ۽ روهڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو، شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان، خبرموجب سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ کيرٿر ڪئنال، دادو ڪئنال، رائيس ڪئنال، روهڙي ڪئنال، خيرپور فيڊر ايسٽ ڪئنال، خيرپور فيڊر ويسٽ ڪئنال ۽ نارا ڪئنال جي سالياني صفائي وارو ڪم سست رفتاري سان شروع ڪيو ويو آهي، ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود بئراج جي ڪئنالن جي دروازن ۾ ڦاٿل مٽي توڙي واري پڻ هٽائي ناهي وئي، بئراج جو هر سال ٿيندڙ مرمتي ۽ صفائي وارو ڪم هن ڀيري به بغير مڪمل ٿيڻ جي پاڻي ڇڏڻ وارو سلسلو پيدا ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. هوڏانهن سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن جي صفائي وارو سلسلو شروع نه ٿيڻ سان ئي سکر ۽ روهڙي شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي. شهر جي پراڻو سکر، نئون پنڊ، نئون ڳوٺ، قريشي ڳوٺ، قريشي روڊ، واري تڙ، گرم گودي سميت اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران هلندڙ آهي. جڏهن ته روهڙي شهر جي اڇيون قبيون، وڏي پٽڻي، نيو يارڊ ڪالوني، لوڪو شيڊ، ڪربلا جو ميدان سميت اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران هلندڙ آهي. پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سبب سکر توڙي روهڙي واسي پري پري کان پيئڻ لاءِ پاڻي ڀري رهيا آهن. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته سکر ۽ روهڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
