سکر:سنڌايڪشن ڪميٽي طرفان نون صوبن ٺاهڻ بابت پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان آرٽيڪل 144 ۽ 147 بابت پاس ڪيل ٺهراءُ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو 24 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال

سکر (رپورٽ يارمحمد سومرو)سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان نون صوبن ٺاهڻ بابت پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان آرٽيڪل 144 ۽ 147 بابت پاس ڪيل ٺهراءُ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو 24 ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ختم. بک هڙتالي ڪيمپ جي اڳواڻي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ رياض چانڊيو ڪئي،جڏهن ته ڪميٽي ۾ شامل پارٽين جي ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ان موقعي تي علامتي بک هڙتالي ڪئمپ تي موجود اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي مخاطب ٿيندي جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته پيپلزپارٽي پاران آرٽيڪل 144 ۽ 147 خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پاس ڪرڻ سنڌ دشمن فيصلو آهي، ان فيصلي سان سنڌ جا قدرتي وسيلا وفاق حوالي ڪيا ويندا، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته سنڌ وڌيڪ تباهه ٿي ويندي هنن چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورهاست برداشت نه ڪنداسين ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آخري گهڙي تائين جدوجهد جاري رکي ويندي حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي ته هو پنهنجي ڪرتوتن کي لڪائڻ لاءِ اهڙا اشو اٿاري رهيا آهن جيئن سندن ڪرپشن ۽ لٽ مار تان ماڻهن جو ڌيان مٽجي وڃي وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انڌن ۔ٻوڙن ۽ آمرن جي پوئلڳ حڪمرانن کي قهر جي مهانگائي ۽ ٻوڙيل سنڌ جي ماڻهن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ جو خيال ناهي پنهنجي چڱ مڙسي کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌ جي ازلي دشمنن جا ساٿاري بڻجي پنهنجي اقتدار کي ڊيگھ ڏئي رهيا آهن اڳواڻن خبردار ڪيو  ته ھاڻي سنڌ جي اٻوجھ ماڻهن کي وڌيڪ بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهجي انڪري پنهنجي حرڪتن کان باز اچو. رياض چانڊيو چيو ته سنڌ تاريخي طور تي هڪ آزاد وطن رهيو آھي ۽ سنڌ پاڪستان ۾ رضاڪارانه طور تي شامل ٿي هئي ۽ اهو معاهدو ٿيو هيو ته تاريخي وطن جيڪي هن رياست ۾ شامل ٿين ٿا انهن جي جاگرافي ۽ ٻولين سان ڪا به ڇيڙڇاڙ نه ٿيندي, پر اسلام آباد جي حڪمرانن سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪنهن به دور ۾ ناهي ڇڏي. سنڌ کي ورهائڻ واري خواهش جرنل ايوب ,ضياء مشرف سميت ٻين جرنيلن جي رهي آھي جنهن تي مختلف وقتن ۾ هو ان خواهش جي تڪميل لاء پيپلزپارٽي کي استعمال ڪندا رهيا آھن ۽ پيپلزپارٽي اقتدار جي حصول خاطر طاقتور قوتن جي ان بدبوءدار سازش جو شانه بشانه حصو رهي آھي اهو ئي سبب آھي جو ملڪ ۾ نون صوبن ٺاهڻ جو راڳ آلاپجي پيو ۽ ان لاء پارلياماني ڪاميٽي جوڙي وئي آھي جنهن جو سربراھ خورشيد شاھ آھي.هڪ طرف سنڌ کي ورهائڻ جي سازش اسلام آباد ۽ پيپلزپارٽي جا حڪمران ڪن پيا ته ٻئي طرف سنڌ جي قدرتي وسيلن تي قبضي جو اختيار به پيپلزپارٽي وفاق کي منتقل ڪرڻ لاء آرٽيڪل 144 ,147 تحت قرارداد منظور ڪئي آھي.پيپلزپارٽي اقتدار جي حصول لاء سنڌ جي خلاف وڏيون تاريخي زيادتيون ڪيون آھن,ڪڏھن ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ته ڪڏھن ٻٽو بلدياتي نظام ۽ ھاڻي قدرتي وسلين تي قبضي جو اختيار به صوبن جي تشڪيل جي نالي تي سنڌ کي ورهائڻ جي ڪاميٽي جوڙي آھي, هن ملڪ جا بانيڪار سنڌي ۽ بنگالي آھيون پر بنگالين سنڌين سان جيڪي زيادتيون ٿيون آھن اهي تاريخ کان ڳجهيون ناهين.اسان سنڌ جا وارث اسلام آباد جي حڪمرانن ۽ سندن اتحادي سنڌ دشمن پيپلزپارٽي سرڪار جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين,اڄ جو هي احتجاج شروعات آھي جيسيتائين صوبن لاء جوڙيل ڪاميٽي کي ختم نه ٿو ڪيو وڃي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد واپس نه ٿي ورتي وڃي, هي تحريڪ جاري ساري رهندي.سنڌ وحشي حڪمرانن جي جبر تي خاموش نه ويهندي,بشيراحمد لنڊ, عيدن جاگيراڻي,اي جي پي اڳواڻ شاھ محمد انڍڙ,غلام مصطفي ڦلپوٽو۔ قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪريم بلوچ,  جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ فريدخاصخيلي,ڪامريڊحيدرخان چانڊيو,عمران منگي,ڪمال مهر,, ريحان ڪاغذي, شاعستا کوسو۔حاجي جاويد ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔

پنھنجي راءِ لکو