سکر(پ.ر) سنڌ جي عوام کان اٽو کسڻ جيئن جي حق کسڻ برابر آهي، بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ اٽو 160 کان 180 رپيا ڪلو وڪرو ڪندڙ عوام دشمن آهن، حڪمرانن کي هاڻ اکيون کولڻ گهرجن، مسلم ليگ ق سنڌ جي ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري رحمت الله ٻرڙو ڪراچي روانگي کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ق ليگ جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اٽي جو بحران مسڪين ماڻھن مزدورن ماڻھن ۽ بي پهچ عوام جي زندگين سان کيڏڻ برابر آھي ،ان ڪري وقت جي حڪمرانن ۽ انتظاميه کي کپي ته ان پيچيده ۽ موت مار مسئلي اٽي جي بحران ۽ مهانگائيء جي طوفان کي ڪنٽرول ڪري مسڪين ماڻھن کي ريليف مهيا ڪيو وڃي ۽ هٿرادو مهانگائيء ۽ زخيره اندوزيء کي فوري طور تي ڪنٽرول ڪرڻ کپي ته جيئن سنڌ جو غريب عوام سک جو ساھ کڻي سگهي. رحمت الله ٻرڙو وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ جيڪو ۽ جوڳو برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاء سردين کان اڳ ڪم ڪرڻ کپي ها سو زميوار ادارا پنهنجي انتظامي ڇڙواڳيء سبب ناهن ڪري سگهيا ان ڪري اسان هتي اختيار ڌڻين ٻڌايون ٿا ته ڳاٽي ٽوڙ منهگائيء ۽ اٽي جي بحران تي في الفور ڪنٽرول ڪري غريبعوام کي بچايو وڃي. پر سان ٿو چوڻو پوي ته اسان وٽ سرڪاري گدام ڪڻڪ جي لاتعداد ان سان ڀريا پيا آھن پر مارڪيٽ ۾ ذخيره اندوزي ڪندڙ عام ماڻھونء کي لٽي ڦري رهيا آھن جيڪا سراسر مليل عواميمينڊيٽ جي توهين برابر پڻ آھي.
