رائونتي: گھوٽڪي ضلعي جي آفيسرن ۽ ڪاٺ وڪرو ڪندڙ بااثر ڊيلرن جو ڳٺ جوڙ روزاني

رائونتي رپورٽ محمد بچل گهنڃو ،ڊويزنل ڊي ايف او فاريسٽ ضياد الله لغاري ڪنزرويٽو فاريسٽ سکر جي آشيرواد سان ٻيلي کاتي گھوٽڪي ضلعي جي آفيسرن ۽ ڪاٺ وڪرو ڪندڙ بااثر ڊيلرن جو ڳٺ جوڙ روزاني بنياد تي لکين روپين جي قيمتي وڻن جي واڍي سر عام جاري صحافي جي نشاندھي تي قيمتي وڻ وڊرائيندڙ سابق يوسي چيئرمين عبدالرزاق چاچڙ ۽ سندس ساٿي گرفتار ٻيلي کاتي رائونتي جي ڪرپٽ انچارچ محمد شريف تيرنھن ھزار جو جرمانو وصول ڪري آزاد ڪرائي ڇڏيو ٻيلي کاتي جون اعلي اختياريون گھري ننڊ ستل رائونتي ٻيلو تباھي ڪناري تي پھچي ويو سياسي سماجي اڳواڻن پاران فوري طور تي ٻيلي کاتي گھوٽڪي ضلعي جي ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو چتاءُ ،تفصيل موجب ، ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ضياد الله لغاري ڪنزرويٽر فاريسٽ سکر جو آشيرواد حاصل ھجڻ سبب ٻيلي کاتي گھوٽڪي ضلعي جي عملدارن ۽ قيمتي وڻن جي واڍي ڪرائي ٻين صوبن ڏانھن منتقل ڪندڙ ڊيلرن جي ڳٺ جوڙ سبب رائونتي ٻيلي مان روزاني بنياد تي لکين روپين جي قيمتي وڻن جي واڍي جو سلسلو جاري آهي گذريل ڏينهن پڻ ٻيلي کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان ڏينھن ڏٺي جو اڳوڻي يوسي چيئرمين عبدالرزاق چاچڙ جي ٽيم پاران رائونتي ٻيلي م وڻن جي سر عام واڍي جاري ھئي ته رائونتي جي صحافين جي نشاندھي تي رائونتي پوليس وڻن جي واڍي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري وڻ وڊيندڙ سامان ۽ ڪاٺ جا گاڏا ڀريل ھٿ ڪري ٿاڻي تي وٺي آئي ته رائونتي ٻيلي کاتي جو انچارج محمد شريف ٿاڻي تي پهچي ٽوٽل تيرنھن ھزارن جو جرمانو وصول ڪري آزاد ڪرائي ڇڏيو اھڙي قسم جي عمل خلاف گھوٽڪي ضلعي جي سياسي سماجي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻيليل کاتي جي گھري ننڊ ستل اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي وڻن جي واڍي بند ڪرائي ٻيلن کي تباھي ڪناري تي پھچائيندڙ عملدارن کي معطل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ گھوٽڪي ضلعي جي اندر ٻيلا بچايو ڪرپٽ عملدار ھٽايو احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

پنھنجي راءِ لکو