اسلام آباد: ايم ڪيو ايم جي درخواست رد، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿينديون

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جي حوالي سان جماعت اسلامي جي درخواست منظور ڪري ورتي اليڪشن پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون شيڊول موجب 15 جنوري تي ٿينديون اليڪشن ڪميشن ۾ ايم ڪيو ايم جو موقف هو ته ڄونڊن ۾ ٻٽيون ووٽرز لسٽون استعمال ٿي رهيون آهن ان لاءِ مڪاني چونڊون نئين ووٽرلسٽ تي ڪرايون وڃن اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي يقيني بنايون وڃن

پنھنجي راءِ لکو