ڪنڌڪوٽ:تنگواڻي لڳ معصوم ٻارڙن۾ موت جو راڪاس رڪجي نه سگهيو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )تنگواڻي لڳ معصوم ٻارڙن۾ موت جو راڪاس رڪجي نه سگهيو. هڪ وڌيڪ معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي انگ وڌي 66 ٿي ويو ڪيترائي ٻار مقامي اسپتال داخل صحت کاتي اگھور ننڊ ستل تفصيل موجب تنگواڻي ۽ آس پاس ۾ ٻوڏ ستايلن جي ٻارڙن سان ويڌن جاري ٖٻارڙن ۾ دست الٽي . مليرياوگهي ڪلور ڪري ڇڏيا.ٻارن ۾ موت جو راڪاس رڪجي نه سگهيو.تنگواڻي لڳ ڳوٺ مولوي احمدالدين باجڪاڻي ۾ هڪ وڌيڪ ڇهن مهينن جو معصوم ٻارڙو ماجده ڌيً نواب علي باجڪاڻي فوت ٿي وئي جڏهن ته تعداد وڌي 66 ٿي ويو جڏهن ته ڪيترائي معصوم ٻارڙا مقامي اسپتال داخل آهن سرڪاري اسپتال م ڪا به سھولت نه ھجڻ ڪري مقامي اسپتال ڏانهن رخ ڪرڻ لڳا آهن هوڏانهن ان طرف حڪمرانن ڪو به توجه نه ڏنو جڏهن ته ٻوڏ ستايل ماروڙا اڃان ويل ۾ پيل آھن جڏهن ته صحت کاتو اگھور ننڊ ستل آهن

پنھنجي راءِ لکو