ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊن کان اڳ صوبي ۾ آفيسرن جي مقررين، بدلين ۽ سياسي ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري بابت درخواستن تي چيف سيڪريٽري کي حلفي بيان سان گڏ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ جي آڏو مڪاني چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ آفيسرن جي مقررين، بدلين ۽ سياسي ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري بابت پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ شهري خادم حسين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي،وڪيلن موقف ڏنو ته چونڊ شيڊول جاري ٿيڻ کان پوءِ مقرريون غير قانوني آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت جي 2 سيڪريٽرين عدالت کي ٻڌايو هو ته ڪنهن جي چوڻ تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون هيون. اي جي صاحب عدالت کي ٻڌايو هو ته بدليون واپس ورتيون ويون آهن پي ٽي آءِ جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اڃان تائين ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر کي عهدي تان ناهي هٽايو ويو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا ناظر کي مقرر ڪري ڇڏيون. هاڻ ناظر ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري چيڪ ڪندو؟ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ موقف ڏيندي چيو ته ضابطن خلاف مقررين ۽ بدلين جا حڪم واپس ورتا ويا آهن عدالت ريمارڪس ڏنا ته چيف سيڪريٽري حلفي بيان جمع ڪرائي ته چونڊ شيڊول کان پوءِ ڪيتريون مقرريون ۽ بدليون ٿيون. عدالت بدلين ۽ مقررين بابت رپورٽ حلفي بيان سان گڏ 11 جنوري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
