لاهور:وڌندڙ اثاثا،پرويز الاهي جي مبينه زال کان پوءِ نُنهن کي به ايف آءِ اي طلب ڪري ورتو

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي مبينه ٽئين زال کان پوءِ نُنهن کي به اثاثن ۾ واڌ سبب ايف آءِ اي طلب ڪري ورتو،ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير جي ننهن جي اثاثن ۾ تمام گهڻي واڌ جي معاملي تي ايف آءِ اي جي فنانشل مانيٽرنگ يونٽ حرڪت ۾ اچي وئي. جنهن کان پوءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ڊائريڪشن تي ايف آءِ اي پرويز الاهي جي ننهن(مونس الاهي جي گهر واري) کي طلب ڪري ورتو مونس الاهي جي گهر واري جا بئنڪ اڪائونٽس ۽ ان جي نالي تي پراپرٽي ۾ هلندڙ دور دوران اربين روپين جو اضافو ٿيو آهي جنهن تي ايف آءِ اي مونس الاهي جي گهر واري کي ٽمپل روڊ آفيس ۾ طلب ڪري ورتو جڏهن ته پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ طرفي ڪارروائي جو به اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ياد رهي ته گذريل هفتي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي مبينه ٽئين گهر واري سائره انور کي به ايف آءِ اي ۾ پيش نه ٿيڻ تي ٻيهر طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ بئنڪ اڪائونٽس ۾ ڪروڙين روپين جي رقم جمع ٿيڻ جي رپورٽ ملڻ کان پوءِ وفاقي جاچ اداري سائره انور جي خلاف جاچ شروع ڪندي کيس 3 جنوري تي طلب ڪيو هو

پنھنجي راءِ لکو