ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،بڊاڻي شھر جي رھواسيڻ ناري شبيران سومرو گهران نڪري ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پهچي عابد علي ڀٽو سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو،بڊاڻي شهر سومرا محلا جي رهواسيڻ 20 سالا ناري شبيران ولد ذاڪر حسين سومرو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته منهنجو پئ سئوٽ ۽ ٻيا برادري جا ماڻهو مونکي پئسن عيوض 50 سال جي پيرسن سان شادي ڪرائن پيا جنهن بعد مان 19/12/2022 تي ٽن ڪپڙن ۾ اڪيلي گهران نڪري 20/12/2022 تي ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پهچي پنهنجي رضا خوشي سان عابد علي ولد محمد قاسم ڀٽو سان شريت محمدي مطابق ڪورٽ سڳوري ۾ نڪاح ڪيو آهي اهي ڪاغظ اسين حد جي ٿاڻي ڏانهن موڪلي ڇڏياسين جنهن کانپوء منهنجو سئوٽ قربان سومرو شرپسند ماڻهن جي چوڻ ۾ اچي حد ٿاڻو مٽائي ڪنڌڪوٽ جي A سيڪشن ٿاڻي تي منهنجي مڙس عابد علي ۽ ان جي ڀائرن مٿان ٻن ڇوڪرين جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي پوليس هنن کي تنگ ڪري رهي آهي هن چيو ته مان اڪيلي گهران نڪتي آهيان مون سان ٻي ڀيڻ گڏ نه آهي منهنجي ٻي ڀيڻ منهنجي مائٽن لڪائي ڇڏي آهي اهو اغوا جو ڪيس سراسر ڪوڙو آهي مون کي ڪنهن به اغوا وغيراه ناهي ڪيو مان پنهنجي رضا خوشي سان عابد علي سان ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آهي هن وڌيڪ چيو ته هن وقت منهنجا مائٽ قربان سومرو پئ ذاڪر سومرو مرتضئ سومرو ۽ سومرا برادري جا ٻيا ماڻهو منهنجي مڙس ۽ سندس جي ڀائرن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائن ٿا ۽ A سيڪشن ڪنڌڪوٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او گُل محمد مهر وڏيرن ۽ بااثرن جي چوڻ تي منهنجي مڙس ڏيرن ۽ انهن جي مائٽن کي هراسا ڪري هر روز گهرن تي چڙهائي ڪري ماڻهو گرفتار ڪري ٿو ۽ لکين روپيه رشوت وٺي بعد ۾ آزاد ڪري ٿو هن چيو ته مان چيف جسٽس آف پاڪستان هاء ڪورٽ سنڌ آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪيان ٿي ته فورن ان معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او A سيڪشن ڪنڌڪوٽ خلاف قانوني ڪاورائي ڪئي وڃي مونکي ۽ منهنجي مڙس عابد علي کي منهنجي مائٽن مان جان جو خطرو آهي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ منهنجي مائٽن مٿان ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئين اسين پنهنجي زندگي سٺي گذاري سگهون
