ڪشمور: ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ضلعي ڪشمور اندر ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيل ماڻھن جي وارثن ۾ سنڌ حڪومت طرفان امداد جا چيڪ ورھايا

ڪشمور:سنڌ حڪومت جي اعلان موجب ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ضلعي ڪشمور اندر ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيل ماڻھن جي وارثن ۾ سنڌ حڪومت طرفان امداد جا چيڪ ورھايا ـ ھن وڌيڪ 01 فوتي جي وارثن ۾ في ماڻھو 10 لک رپين جو چيڪ ورھايو. فوت ٿي ويل مسمات رهزل جي وارثن ۾ چيڪ ورهايو . ان موقعي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيل ماڻھن اندر 10 لک في ماڻهون ۾ ورهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي پهرين مرحلي اندر ضلعي ڪشمور اندر 09 فوتي وارثن ۾ جڏهن ته آڄ وڌيڪ 01 فوت ٿي ويل وارثن ۾ چيڪ ورهايو آهي ۔جلد وڌيڪ فوت ٿي ويل وارثن اندر ڇيڪ ورهايا ويندا. ياد رهي ڪشمور ضلعي اندر گذريل ٻوڏ ۽ برساتن سبب 31 انساني جانيون ضايع ٿيون .

پنھنجي راءِ لکو