ڪنڌڪوٽ : بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالستار ڀيو ۾ ٻھ ڏينهن اڳ سک برادري جا بجلي شاٽ سرڪٽ سبب چار گھر سڙي رک ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ،ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالستار ڀيو ۾ ٻھ ڏينهن اڳ سک برادري جا بجلي شاٽ سرڪٽ سبب چار گھر سڙي رک ٿي ويا متاثر سيء ۾ کلي آسمان ويٺل انتظاميا طرفان ڪابه واھر نه ٿيڻ خلاف متاثرين ڪنور سنگھ۔ ڀڳوان سنگھ۔ مائي سوناري ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاھرين ميڊيا آڏو داھيندي چيو اسان جي چئين گھرن باھ لڳي وئي گھر ۾ رکيل سامان اناج سڙي رک ٿي ويو آهي گھر ۾ پيل نياڻي جو ڏاج به سڙي رک ٿي ويو آهي اسان وٽ انتظاميا طرفان ڪير لڙي ڪان آيو آهي مدد ڪرڻ اسان جا ٻار سيء ۾ پٽ تي ويٺا آهن اسان غريب مسڪين روز ڪمائي کائڻ وارا آھيون ھنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو خدارا اسان جي مدد ڪئي وئي

پنھنجي راءِ لکو