سکر ،مزدورن پاران هن هٿراڌو مهنگائي خلاف سکر گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مظاهري دوران مسڪين مزدورن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته،هن هٿراڌو مهنگائي جي ڪري اسان مسڪين مزدور روز ڪمائڻ وارا ٻچن کي پيٽ جي باھ وسائڻ لاءِ ڇا وٺي ڏيون،جڏهن ته ڏيهاڙي ڪڏهن لڳي ته ڪڏهن ڪون،کائڻ پيئڻ جي شئن سان گڏ هاڻي ته اٽو به مهانگو ٿي ويو آهي، ۽ اسان جون مزدويون ساڳيون آهن پنج سو کان ڇھ سو صرف،اسان جي ڊي سي سکر ۽ وزير علي ۽ وس وارن کي اپيل آهي ته خدارا هن هٿراڌو مهنگائي کي ختم ڪري جيئڻ جو حق ڏنو وڃي
